SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


يورپي برادري


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


يورپي برادري

European Community EC

يورپين ڪميونٽي

1958ع ۾ قائم ڪيل هيءَ تنظيم علائقائي سطح تي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ٻين واپاري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ جوڙي وئي، جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ ٻاهريان ٽيرف لاڳو ڪري ٻيا لاڳاپيل اپاءُ وٺڻ به شامل ڪيا ويا، جنهن ۾ زراعتي پاليسيءَ ۽ سرمايي کي يورپ جي آزاد ملڪن جو تحفظ حاصل آهي. تنظيم جا بنيادي ميمبر بيلجيم، فرانس ، اولهه جرمني، ، اٽلي ، لڪسمبرگ ۽ هالينڊ هئا، جڏهن ته ڊينمارڪ، آئرلينڊ ۽ برطانيا 1973ع ۾ ميمبر ٿيا . يونان 1981ع ۾ اسپين ۽ پورچوگال 1986ع ۾ ميمبر ٿيا . يورپي برادري جو اصطلاح ٽن مختلف تنظيمن ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جيڪي مختلف معاهدن تحت ڪم ڪن ٿيون . انهن ٽن تنظيمن يعني ’يورپين ڪول ۽ اسٽيل ڪميونٽي‘ ( 1952ع ) ، ’يورپين اٽامڪ انرجي ڪميونٽي‘ ( 1958ع ) ، يورپين اڪنامڪ ڪميونٽي (1958ع ) جي ٺهڻ بعد 1967ع کان يورپين يونين چئن عوامي پارلياماني ادارن ۾ خدمتون ڏئي رهي آهي، جن ۾ يورپين ڪميونٽي ڪميشن، يورپين ڪميونٽي ڪائونسل، يورپين پارليامينٽ ۽ ڪورٽ آف جسٽس آف يورپين ڪميونٽي شامل آهن .ان ڪري موجوده 12 ميمبرن ۾ EC جو استعمال يورپين اڪنامڪ ڪميونٽي وانگر عام بڻجي ويو. 1 نومبر 1993ع ۾ جڏهن ماسترخت معاهدو يورپي يونين جي حدن اندر عمل ۾ آيو ته EC جو اصطلاح يورپي برادري ۽ يورپي ملڪن لاءِ گڏيل طور استعمال ٿيڻ لڳو . معاهدي جي پهرين شِق جو پهريون حصو يورپي برادريءَ جي قيام جو حوالو ڏئي ٿو . انهيءَ معاهدي ”يورپي يونين“ جو اصطلاح پڻ متعارف ڪرايو .


Remember Me Also:

جکڻ

مصدر. بَڪڻ ، بَڪ ڪرڻ ، جهڳي هڻڻ. اجايو مٿو هڻڻ. هُل ڪرڻ. ڪاوڙجڻ. کار کائڻ ، جک مارڻ. ”گولي گهاگهائي گهِڙي جت جکن ٿا جانار“ شاهه.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal